لوڊيشيڊنگ جو اهو نظام غير قانوني ۽ امتيازي سلوڪ آهي، ڪجهه ماڻهن جي غلطي جي سزا پوري علائقي جي رهواسين کي نٿي ڏئي سگهجي, سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ Sindh-high-court-02هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گرمي سبب هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي فوت ٿيڻ خلاف درخواست تي نيپرا کان لوڊشيڊنگ بابت قانوني راءِ طلب ڪري ورتي آهي، ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته جن علائقن ۾ بجلي گهڻي چوري ٿئي ٿي اتي لوڊشيڊنگ به وڌيڪ ڪئي وڃي ٿي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني  بئنچ گرمي سبب ماڻهن جي فوت ٿيڻ خلاف شهزاد راءِ ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي درخواست ٻڌڻي ڪئي.

ڪي اليڪٽرڪ عدالت ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو آهي ته جن علائقن ۾ بجلي وڌيڪ چوري ٿيندي آهي، اتي وڌيڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي ويندي آهي.

عدالت چيو ته لوڊيشيڊنگ جو اهو نظام غير قانوني ۽ امتيازي سلوڪ آهي، ڪجهه ماڻهن جي غلطي جي سزا پوري علائقي جي رهواسين کي نٿي ڏئي سگهجي.

عدالت اهڙي درخواست تي نيپرا کان لوڊشيڊنگ بابت قانوني راءِ طلب ڪري ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*