گهوٽڪي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جو پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو

ghotki-lodshating-protest-3

گهوٽڪي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ خلاف شهري ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي پنجين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شهرين لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل اچڻ خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو  خلاف نعريبازي ڪئي.

مظاهرين چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي ۾ روزانو 16 کان 20 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي پئي وڃي، جنهن سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ باوجود سيپڪو پاران ڳرا بل اماڻيا پيا وڃن، جيڪا شهرين سان نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي واڌو بل اماڻن جو سلسلو بند ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*