عمران خان سان جسٽس (ر) وجيهه الدين ۽ حامد خان جي ملاقات

wajah-meet-imran-khan

عمران خان سان جسٽس (ر) وجيهه الدين ۽ حامد خان ملاقات ڪري پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون، وجيهه الدين چيو آهي ته عمران خان سان پارٽي معاملن تي مثبت ڳالهيون ٿيون، ڪجهه طاقتون پارٽي کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿيون، جهانگير ترين جي رڪينت ختم ڪرڻ موقف تي قائم آهيان.

جسٽس (ر) وجيهه الدين ۽ حامد خان اسلام آباد ۾ عمران خان جي بني گالا واري گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي.

ملاقات کانپوءِ جسٽس (ر) وجيهه الدين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان سان مثبت ماحول ۾ ڳالهيون ٿيون، ساڻس 2 آگسٽ تي ٻيهر ملاقات ٿيندي.

هن چيو ته پارٽي معاملن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي، پارٽي اندر اخلاف موجود آهن، خدشا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته جهانگير ترين جي رڪنيت ختم ٿيڻ گهرجي، ان بابت هو پنهنجي رپورٽ تي قائم آهي.

سندس چوڻ هو ته عمران خان سڌي ريت پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪندو، ڪنهن سان لاڳاپا خراب ناهن، ماحول بهتر ڪيو پيو وڃي.

جسٽس (ر) وجيهه الدين چيو ته پارٽي اليڪشن ۾ ٿيندڙ خامين کي ختم ڪرڻو پوندو، پارٽي اليڪشن ڪميشن پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندي رهندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*