ناڪاميءَ جي ڪاوڙ قومي ادارن مان ڪڍڻ درست ناهي، پي ٽي آءِ کي بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ،ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق
ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته ناڪاميءَ جي ڪاوڙ قومي ادارن مان ڪڍڻ درست ناهي، پي ٽي آءِ کي بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، پي ٽي آءِ وارا چڙ ڏياريندڙ لفظ ڳالهائڻ کان پاسو ڪن.
خواجا سعد رفيق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ وارا ناڪاميءَ کانپوءِ چڙ ڏياريندڙ لفظ ڳالهائي رهيا آهن.
هن چيو ته ضد ۽ انا واري سياسي ناڪام رهندي، ناڪامي لڪائڻ لاءِ قومي ادارن تي ڪاوڙ ڪرڻ ٺيڪ نه آهي.
خواجا سعد رفيق چيو ته نواز ليگ پي ٽي آءِ کي بچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي پر پي ٽي آءِ وارا حڪومت کي ٽارگيٽ بڻائي رهيا آهن.
they are showing panjabi azm