هاءِ ڪورٽ جي 7 ايڊيشنل ججن کي پڪو ڪرڻ ۽ نون ججن جي مقرري لاءِ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس جاري

supreme-court-karachi-31-7

سنڌ هاءِ ڪورٽ  جي 7 ايڊيشنل ججن کي پڪو ڪرڻ ۽ نون ججن جي مقرري لاءِ ڪراچي ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جو    جاري آهي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ جاري  اجلاس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي7 ايڊيشنل ججز کي پڪو ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جن ۾ جسٽس حسن فيروز، جسٽس نظر اڪبر، جسٽس شوڪت علي ميمڻ، جسٽس اشرف جهان، جسٽس شاهنواز طارق،جسٽس عبدالمالڪ گدي ۽ جسٽس ظفر احمد راجپوت جي نالن تي غور ويچار ڪيو ويندو.

اجلاس دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نون ججن جي مقرري لاءِ اعظم انور بلوچ، امير فيصل، غلام قادر لغاري، عبدالغني سومرو، خادم حسين شيخ، محمد ڪريم خان آغا، محمود اي خان، انور حسين، محمد اڪرم صالح ۽ فيصل ڪمال عالم جي نالن تي غور ڪيو  پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*