محرابپور ويجهو هٿياربندن جي حملي رڪشا ڊرائيور زخمي ٿي واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو

mahrapur-protest-31-7

محرابپور ويجهو هٿياربندن جي حملي رڪشا ڊرائيور زخمي ٿي پيو واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سيال آباد واري علائقي ۾ هٿياربند رڪشا ڊرائيوار باقر سهتي کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

رهواسين زخمي پورهيت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقه اسپتال منتقل ڪيو.

 واقعي خلاف سهتا برادري ۽ رڪشا ڊرائيوار يونين جي سڏ تي وقار سهتي مومن سهتي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

احتجاج کان پوءِ پوليس صدام، ببلو، علي حيدر، شوڪت، نزاڪت، علي نواز سميت ڏهن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو پر ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهجي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*