ٽنڊو محمد خان ۾ اڻڄاتل شرپسندن مندر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا جاچ ڪميٽي قائم

ٽنڊو محمد خان ۾ اڻڄاتل شرپسندن مندر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا آهن، اقيلتي معاملن جي وزير گيانچند ايسراڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي.

ٽنڊو محمد خان جي بئراج ڪالوني ڀرسان اڻڄاتل شرپسندن هنومان مندر کي باهه ڏئي فرار ٿي ويا، جنهن سبب مند ۾ پيل مورتين کي نقصان رسيو آهي.

اقيلتي معاملن جي وزير گيانچند ايسراڻي واقعي جي سخت مذمت ڪندي واقعي جو نوٽيس وٺندي جاچ ڪميٽي جوڙي ورتي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*