ڪانگو وائرس ۾ مبتلا ڇاڇري واسي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏنو

ڪانگو وائرس ۾ مبتلا ڇاڇري واسي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ زندگي جي جنگ هاري ويو.

وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٿرپاڪر ۾ ڳوٺاڻي کي ڪانگو وائرس هئڻ جو نوٽيس ورتو، سندس هدايتن تي ڊاڪٽرن جو ٽيمون ٿرپارڪر روانيون ڪيون ويون.

وڏي وزير ڇاڇري جي واپاري سخي امين نهڙيو کي ڪانگو وائرس هئڻ واري خبرن بعد معاملي جو نوٽيس ورتو  ۽ ڊاڪٽرن جون ٽيمون ٿرپارڪر روانيون ڪيون ويون.

وڏي وزير قائم علي شاهه ٿرپارڪر ۾ چوپائي مال جي تپاس ۽ وئڪسينيشن جي به هدايت ڪئي، ان حوالي سان ٿر پارڪر جي اسپتالن ۾ ڌار وارڊ قائم ڪيا ويندا.

واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ ڇاڇري جي واپاري سخي امين نهڙيو کي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس ڪانگو وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي هئي.

اسپتال انتظاميا موجب سخي امين نهڙي کي ڪانگو وائرس جي تصديق ٿيڻ بعد آئسو ليشن وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي ۽ سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*