ڳڙهي خيرو واسي ٻن ورهين جي ٻارڙي کي پوليو هئڻ جي تصديق ڪئي وئي

سول سرجن جيڪب آباد ڳڙهي خيرو  جي ڳوٺ حسين بخش حاجيجو واسي ٻن ورهين جي ٻارڙي کي پوليو هئڻ جي تصديق ڪئي آهي.

پورهيت امداد حاجيجو جي 2 ورهين جي ٻارڙي حسين بخش حاجيجو کي بيماري بعد سول اسپتال داخل ڪيو ويو جتي کيس پوليو هئڻ جي تصديق ڪئي وئي.

سول سرجن جيڪب آباد ڊاڪرم جيت ڏوڏيجا ٻارڙي کي پوليو هئڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ٻارڙي کي تازو پوليو ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

هن چيو ته ٻارڙي کي تازو پوليو ڪيس ظاهر ٿيڻ ڪري علاج ممڪن آهي، ٻارڙي کي ٽريٽمنٽ لاءِ هفتي بعد طلب ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*