سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻارڙي ۽ نوجوان سميت 2 ڄڻا فوت 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ ٻارڙي ۽ نوجوان سميت 2 ڄڻا فوت ۽  15 اهلڪار، 5 عورتن ۽ 3 ٻارڙن سميت 32 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

مديجي جي توربند اسٽاپ وٽ چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي  ۾ 5 ورهين جي معصوم ٻارڙي ٿڏي تي فوت ٿي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

نوابشاهه ڀرسان شاهپور جانيا ۾ پوليس وين ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 15 اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن مان 4 اهلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سيوهڻ ڀرسان آراضي اسٽاپ وٽ مسافر وين گڏهه گاڏي کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي  ۾ 3 عورتن ۽  3 ٻارڙن سميت 15  مسافر زخمي ٿي پيا.

زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هڪ عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

خانواهڻ ڀرسان ٽنڊو گل شاهه روڊ تي ٻن موٽرسائيڪلز وچ  ۾آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ جاڙو خان رانءُ واسي نوجوان نظير احمد رانءُ فوت ٿي ويو.

ٿاڻو بولا خان جي بچاني واري علائقي کان ڪراچي ويندڙ ڪڪڙين جي ڀريل ڊاٽسن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ پورهيت زبير فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي لاش ۽ زخمين کي اسپتال پهچيايو ويو، جتي زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اسپتال انتظاميه موجب حادثي جي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*