اسپاٽ فڪسنگ ڪيس سبب پنهنجي عوام کان معافي وٺي چڪو آهيان محمد آصف

اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ست سالن جي پاپندي جي ور چڙهيل فاسٽ بالر محمد آصف جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان اصلاحي پروگرام جلدشروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽  2010۾ انگلينڊ ۾ منعقد ٿيل ٽيسٽ سيريز ۾ اسپاٽ فڪسنگ ڪيس جي ور چڙهيل محمد آصف پي سي بي هيڊ ڪواٽر لاهور ۾ چيئرمين شهريار خان سان ملاقات ڪئي.

ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد آصف جو چوڻ هو ته هو بحالي پروگرام مڪمل ڪرڻ لاءِ تيارآهي.

هن وڌيڪ چيو ته پي سي بي چيئرمين شهريار خان هي پروگرام جلد شروع ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.

هن چيو ته هو پنهنجي عوام کان معافي وٺي چڪوآهي ۽ هاڻي به  معافي لاءِ تيار آهي.

محمد آصف جو چوڻ هو ته رميز راجه ويسٽ انڊيز جي رانديگر مارن سموئلز جي ته تعريف ڪري ٿو پر هو پنهنجي ڪرڪيٽرز تي تنقيد ڪري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*