ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

         ڪراچي جي سهراب ڳوٺ واري علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، ايس ايس پي ملير دعويٰ ڪندي چيو آهي ته فائرنگ ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ رينجرز ڪارروائي لياري جي افشاني گلي ۽ گوڌرا ۾ ڪارروائي دوران 11 شڪي گرفتار ڪري ورتا آهن.

        سهراب ڳوٺ جي ڪوئيٽا ٽائون واري علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

            ايس ايس پي ملير رائو انور چيو آهي ته فائرنگ ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر کي حماد الله کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جيڪو سندس ئي ساٿي جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيو.

رينجرز لياري جي افشاني گلي ۾ ڪارروائي دوران ٽن مبينا جوابدارن ساجد، سڪندر ۽ اسماعيل افشاني کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته گوڌرا ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪري 8 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*