لوئر دير ۾ ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ شاگرد فوت 7 زخمي ٿي پيا

لوئر دير ۾ اسڪول ٽيچر جي گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ هڪ شاگرد فوت ۽ 7 شاگرد زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس ذريعن موجب حادثو گورنمينٽ هاءِ اسڪول معيار ويجهو پيش آيو، جتي اسڪول ٽيچر جي گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ 8 شاگرد زخمي ٿي پيا، جن مان هڪ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو.

پوليس ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، پوليس استاد کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*