وفاقي حڪومت بجلي 46 پئسا سستي ڪري ڇڏي

حڪومت بجلي 46 پئسا سستي ڪري ڇڏي آهي، وزير اعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر واري مهيني ۾ نيپرا کي بجلي سستي ڪرڻ جي باضابطه طور درخواست ڪئي وئي هئي.

وزير اعظم هائوس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته نيپرا پاران بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ عام ماڻهو کي رليف ملي سگهندو.

وزير اعظم هائوس جي ترجمان موجب بجلي اگهن ۾ گهٽتائي بابت پاڻي ۽ بجلي واري وزارت پنهنجي رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪري ڇڏي آهي.

نيپرا پاران بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ عوام کي وڏو رليف ملي سگهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*