عراق ۽ شام ۾ داعش خلاف آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي حملن جي وڊيو جاري ڪئي وئي

عراق ۽ شام ۾ شدت پسند تنظيم داعش خلاف آمريڪا ۽ سندس اتحادين جا هوائي حملا جاري آهن جنهن لاءِ امريڪا جي سينٽرل ڪمانڊ پاران عراق ۾ هوائي حملن جي وڊيو به جاري ڪئي وئي آهي،ٻئي پاسي شامي صوبي ڪنيترا ۾ به باغين ۽ حڪومتي فورسز وچ ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي.

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ پاران عراق جي ڪِرڪُڪ واري علائقي ۾ امريڪا ۽ سندس اتحادين پاران هوائي حملن جي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ اهڙن عمارتن کي نشانو بڻائيندي ڏيکاريو ويو آهي جيڪي داعش جي ويڙهاڪن جي استعمال هيٺ رهيون ۽ ويڙهاڪ انهن ۾ پناهه وٺندا رهيا.

ٻئي پاسي شامي صوبي ڪنيترا جي مختلف علائقن ۾ ويڙهاڪن ۽ حڪومتي فورسز وچ ۾ ڇتي ويڙهه به جاري آهي ۽ انهن علائقن جون به ڪجهه وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيون ويون آهن.

انهن مان هڪ وڊيو ضلعي الحمزا جي آهي جتي حڪومتي فورسز علائقي ۾ پنهنجو ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي.

ٻي وڊيو ديرا واري علائقي جي آهي جنهن ۾ شامي فوجين پاران ويڙهاڪن جي ٺڪاڻن تي هوائي حملن کانپوءِ دونهين جا ڪڪر اٿندي نظر اچي رهيا آهن.

شام ۾ مانيٽرنگ ڪندڙ انساني حقن واري تنظيم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ مهيني دوران شامي فورسز پاران 1 هزار 5 سو 92 هوائي حملا ڪيا ويا جن ۾ 396 شهري به مارجي ويا ۽ 15 سو زخمي ٿي پيا.

شامي فورسز پاران شام جي ديرا، هما، ادلب، عليپو ۽ ڪنيترا صوبي ۾ هوائي حملا ڪيا ويا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*