ڊاڪٽر طاهر القاردي ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي کي رد ڪري ڇڏيو

پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ماڊل ٽائون سانحي جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي کي رد ڪندي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن ۾ پنجاب پوليس جي هڪ به آفيسر کي شامل نه ڪرڻ جي گهُر ڪئي وئي آهي، طاهر القادري چيو آهي ته حڪومت دهشتگردن جي ورهاست ڪري رکي آهي، جيڪي انهن لاءِ ڪم ڪن ٿا، انهن خلاف ڪارروائي نه پيا ڪن، ان سان دهشتگردي خلاف جنگ متاثر ٿي رهي آهي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته پاڪستان عوامي تحريڪ بلوچستان جي صدر، سندس گهر واري، سندس ڀاءُ ۽ سندس ٽن ٻارن کي ڏينهن ڏٺي قتل ڪيو ويو، ٻن ڏينهن تائين سندن لاش پيل رهيا پر بلوچستان جي وڏي وزير يا گورنر جو پٽيوالو به متاثر گهراڻي وٽ آٿت جو هڪ لفظ چوڻ نه ويو، اهو ڇا آهي؟

هن چيو ته سرتاج عزيز جو اهو بيان اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته حڪومت دهشتگردن جي ٽولن کي ورهائي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ سرتاج عزيز چيو هو ته انهن دهشتگردن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويندي جيڪي رياست لاءِ خطرو نه آهن.

هن چيو ته ان مان ثابت آهي ته جيڪي دهشتگرد حڪومت لاءِ ڪم ڪن ٿا، انهن لاءِ سندن رويا نرم آهن.

هن چيو ته دهشتگردن جي اهڙي نموني سان ڪيل ورڇ دهشتگردي خلاف جنگ کي متاثر ڪري رهي آهي.

ڊاڪٽر طاهر القادري وڌيڪ چيو ته جعلي جي آءِ ٽي کين قبول نه آهي، ان ۾ اڳواٽ ئي فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن تي رڳو صحيحون ٿيڻيون آهن.

هن چيو ته شهباز شريف جي هوندي کيس انصاف ملڻ جي ڪا به توقع نه آهي، هن مطالبو ڪيو ته نئين جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، جنهن ۾ پنجاب پوليس جي هڪ به آفيسر کي شريڪ نه ڪيو وڃي.

ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته 30 نومبر تي عمران خان جي اسلام آباد واري جلسي ۾ شرڪت جي دعوت ملي ته ان تي غور ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*