جماعت اسلامي جو مرڪزي اجتماع لاهور ۾ جاري سڄي ملڪ مان آيل ڪارڪنن جو وڏو انگ شريڪ

جماعتِ اسلامي جو مرڪزي اجتماع لاهور ۾ مينارِ پاڪستان وٽ جاري آهي، جنهن ۾ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جو سڄي ملڪ مان آيل هڪ وڏو انگ شريڪ آهي.

جماعتِ اسلامي جو اجتماع پارٽي جي اڳوڻي سربراهه منور حسن جي صدارت هيٺ جاري آهي، اجلاس ۾ لياقت بلوچ سميت ٻيا اڳواڻ به شريڪ آهن.

جماعت اسلامي جي اجلاس ۾ سياسي سيشن شام تائين جاري رهندو، جنهن کانپوءِ تنظيم ڪاري  ۽ تنظيمي معاملن مسئلن بابت سيشن ٿيندو، جيڪو رات دير تائين جاري رهندو.

جماعت اسلامي جو اهو اجتماع هر ٽئين سال ٿيندو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال، ان ۾ پارٽي جو ڪردار ۽ ٻين تنظيمي نوعيت جي معاملن مسئلن تي ويچاريو ويندو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*