آٰءِ ڊي پيز جي قسمت جو فيصلو سندن مشاورت سان ڪيو وڃي مولانا فضل الرحمان

آءِ ڊي پيز جي مسئلن ۽ حل بابت اسلام آباد ۾ جرڳو جاري آهي، جرڳي کي خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آءِ ڊي پيز جي قسمت جو فيصل سندن مشاورت کانسواءِ نه ڪيو وڃي، جڏهن ته حڪومت باهه کي وسائڻ لاءِ پاڻي بدران تيل هاري رهي آهي.

آءِ ڊي پيز جي مسئلن بابت اسلام آباد ۾ جرڳو جاري آهي، ان ۾ جي يو ف آءِ في جي سربراهه مولانا فصل الرحمان، اي اين پي جو اسفند يار ولي، محمود خان اچڪزئي، آفتاب شيرپاءُ، غلام احمد بلور ۽ فاٽا جا اڳواڻ شريڪ آهن.

جرڳي کي خطاب  ڪندي جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته رياست کي ان جي ذميواري جو احساس ڏيارڻو پوندو.

هن چيو ته قبائلي عوام جي رت وهائڻ جو سلسلو فوري طور بند ٿيڻ گهرجي، حڪومت باهه وسائڻ لاءِ پاڻي بدران تيل استعمال ڪري رهي آهي.

مولانا فضل الرحمان جو اهو به چوڻ هو ته ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا ۾ مڪمل طور امن قائم ٿي ويو آهي.

هن چيو ته فاٽا جي عوام کي ئي سندن قسمت جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ان عمل ۾ جيڪا مشاورت ٿئي ان ۾ اسان کي ضرور شامل ڪيو وڃي.

هن چيو ته قبائلي عوام جو رت وهائڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، 10 لک آءِ ڊي پيز دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن.

مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته هڪ طرف آءِ ڊي پيز جو معاملو هو ته ان وقت پارليامينٽ کي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻي پئي، نتيجي ۾ آءِ ڊي پيز تي ڌيان نه ڏنو ويو.

هن چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر قبائلي جرڳو وٺي حڪمرانن جي شهر آيا آهيون کين ٻڌو وڃي.

محمود خان اچڪزئي چيو ته پختون ۽ افغان عوام کي دهشتگرد ڪري پيش ڪيو پيو وڃي، پر اهي دهشتگرد ناهن، دنيا ٻڌائي ته پختونن کي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي.

محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته سنڌي، بلوچ، پنجابي ۽ سرائڪي پنهنجي علائقن ۾ ويٺل آهن، رڳو پختون ئي دربدر ڇو آهن.

هن چيو ته پنجاب پنجابن جي جنت آهي ته پوءِ اسان جا علائقا به اسان جي جنت هجڻ گهرجن.

محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته فاٽا جي مقدر جو فيصلو اتان جي عوام کي ڪرڻو آهي مٿن ٻاهرين راءِ نه مڙهي وڃي.

هن چيو ته آخر پوري خطي ۾ پختونن جي جان ئي ايتري سستي ڇو آهي،ان ڳالهه تي حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ڳجهين ايجنسين تي ذميواري آهي ته اهي جاچ ڪن ته آخر پختونن جي جان ئي ايتري سستي ڇو آهي.

پنجابن جي ماءُ کير پيئي ۽ پختونن جي ماءُ ڇيڻو کڻي اهو فيصلو قبول ناهي، اسان جي وسيلن تي حق اسان جي ٻارن جو آهي.

محمود خان اچڪزئي اهو به چيو ته امريڪا خطي مان نڪري وڃي،پاڪستان ۽ افغانستان پاڻ ئي فيصلو ڪندا، ٻئي ملڪ  هٿيار بند گروهن کي پناهه نه ڏيڻ جو معاهدو ڪن.

هن چيو ته ملڪ هڪ بهترين فيڊريشن ٿي سگهي ٿو، سنڌين، پختونن ۽ بلوچن جا حق تسليم ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*