خيرپور ويجهو ڄاڃين جي بس ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي

نيشنل هاءِ وي تي حادثا معمول بڻيل آهن، خيرپور ويجهو ڄاڃين جي بس ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي  جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

نيشنل هاءِ وي ٺيڙهي باءِ پاس تي سکر کان مورو ويندڙ ڄاڃين جي بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 20 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

علائقي واسين ۽ امدادي ٽيمن زخمين کي کڻائي خيرپور جي سول اسپتال منتقل ڪيو .

زخمين ۾ مسمات صغره، زربانو، شهزاد، شهناز، رخسانه، صبحان، وڪيل، ساجد، عادل ۽ ٻيا شامل  جن مان 4 ٻارڙن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*