وڏا جلسا ڪرڻ سان سياسي تبديلي نه ايندي سينيٽر اعتزاز احسن

پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ سينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن پي ٽي آءِ جي لاڙڪاڻي واري جلسي کي وڏو قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جي 30 نومبر واري جلسي ۾ تشدد ٿيو ته فائدو ٽئين قوت کڻندي، تنهنڪري سياستدانن کي ڏاهپ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

پنجاب بار جي چونڊن دوران ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته جيڪڏهن ٽيهه نومبر واري جلسي ۾ تشدد ۾ ٿيو ته ان جو فائدو ٽئين قوت حاصل ڪندي.

هن چيو ته وڏن وڏن جلسن سان سياسي تبديلي نه ايندي آهي، بيشڪ لاڙڪاڻي وارو جلسو وڏو هو پر ان سان تبديلي نه آئي ۽ نه وري اهڙن جلسن سان تبديلي ئي آڻي سگهجي ٿي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ جي تڙاڳي جو پرويز مشرف کي غداري ڪيس ۾ فائدو ٿيو ۽ ماڻهن جو ان تان ڌيان هٽي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*