سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف داخل درخواست تي جواب طلبي سبب ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي چونڊن ۾ مبنيا طور ڌانڌلي خلاف داخل درخواست تي جواب طلبي سبب ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو آهي.

ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ عبدالفتاح ملڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مبينا ڌانڌلين بابت داخل درخواست تي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

سنڌ بار ڪائونسل جي 31 اميدوارن چونڊن ۾ مبينا طور ڌانڌلين بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي هئي، جنهن سبب ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو وڃي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ کان ملير ڪورٽ پولنگ اسٽيشن منتقل ٿيڻ سبب ڪيترائي ووٽ ڪاسٽ نه ٿي سگهيا هئا.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ چونڊن ۾ ڌانڌلين بابت داخل درخواست تي ايڊووڪيٽ جنرل سميت ٻين واڳيل عملدارن کان 26 نومبر تائين جواب طلب ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*