لاڙڪاڻي جي عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته لاڙڪاڻي جي عوام عمران خان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ سرڪار تي تنقيد ڪندڙ پهريان ڪي پي ڪي جون حالتون بهتر بڻائي ڏيکارن.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته لاڙڪاڻي جي ماڻهن عمران خان جي ڪارنر گڏجاڻي کي رد ڪري ڇڏيو،جنهن تي هو کين سلام پيش ڪري ٿو.

شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌسرڪار تي تنقيد ڪندڙ پهريان ڪي پي ڪي جي عوام جا مسئلا حل ڪري ڏيکارن.

صوبائي وزير چيو ته وڏي وزير ٿر جي ڏڪار متاثر ڪٽنبن کي سرديءَ ۾ گرم ڪپڙا، امداد ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ٿر جو بنيادي مسئلو پاڻي آهي، سنڌ حڪومت ٿر جي مسئلي کي مستقل بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته  ٿر جي مختلف علائقن ۾ آر او پلانٽس لڳايا پيا وڃن، ايندڙ سال جون تائين 750 آر او پلانٽس مڪمل ٿي ويندا.

شر جيل ميمڻ چيو ته امن امان جي صورتحال سموري ملڪ جو مسئلو آهي، ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ تي ضابطو آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*