رياست ايتري ڪمزور ناهي جو ڪير ان تي حملو ڪري سگهي چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته  رياست ايتري ڪمزور نه آهي جو ڪير ان تي ڪاهه ڪري سگهي، 30 نومبر تي عمران خان جي پرامن جلسي تي ڪو به اعتراض نه هوندو، تحريڪ انصاف ملڪ خاطر ڳالهين جي ميز تي اچي، جلسي لاءِ کانئنس نه پر قانون کان اجازت وٺڻ جي ضرورت آهي.

ٽيڪسيلا ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو چوڌري نثار چيو ته کيس اميد آهي ته تحريڪ انصاف ڳالهين جي ميز تي ايندي.

هن چيو ته جيڪڏهن وفاق چاهي ها ته ٻن ڪنٽينرز کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي پئي سگهيو، ڌرڻن جي ذميواري تحريڪ انصاف تي آهي.

چوڌري نثار چيو ته فوجي ۽ سول ادارا چئي چڪا آهن ته داعش سميت ٻين دهشتگردن جو رستو روڪيو ويندو، هن وقت داعش جو پاڪستان  ۾ ڪو به وجود نه آهي.

هن چيو ته داعش لاءِ پاڪستان ۾ وال چاڪنگ ٿي آهي، پر داعش جو ملڪ اندر ڪو به وجود نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*