جلد پاڪستان ۾ اسلامي تحريڪ هلائينداسين سراج الحق

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته ملڪ اندر سياسي ۽ معاشي دهشتگرد به آهن، هُو جلد اسلامي پاڪستان جي تحريڪ هلائيندا.

لاهور ۾ ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته اقليتي به چئي رهيا آهن ته اسلامي معاشري ۾ ئي سندن عزت محفوظ ٿيندي، امير ۽ غريب جو فرق ختم ڪرڻ لاءِ اسلامي معاشرو قائم ڪيو ويندو.

هن چيو ته هُو ملڪ اندر اسلامي پاڪستان جي تحريڪ هلائيندا ۽ اسلامي نظام ۾ ڪو به والد پنهنجي ڌيءَ کي تعليم نه ڏياريندو ته کيس سزا ڏني ويندي.

هن چيو ته ملڪ اندر امير طبقي هر شئي کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، امير ۽ غريب جو فرق جلد ختم ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*