ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي دنيا جي مختلف ملڪن جو دورو ڪرڻ بعد سمنڊ اندر پهريون ڀيرو شارڪ کي ديدار ڪرائڻ لاءِ سمنڊ ۾ لاٿي وئي

ايندڙ سال آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي دنيا جي مختلف ملڪن جو دورو ڪرڻ بعد سمنڊ اندر پهريون ڀيرو شارڪ مڇين کي ديدار ڪرائڻ لاءِ لاٿي وئي آهي.

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2015 ايندڙ سال فيبروري مارچ مهيني ۾آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ گڏيل طور منعقد ٿي رهيو آهي، جنهن کي ڪامياب بنائڻ لاءِ ڀرپور تياريون جاري آهن.

ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان پهرين ٽرافي کي دنيا جي مختلف ملڪن جو دورو ڪرايو ويندو آهي، جيئن انهن ملڪن ۾ ڪرڪيٽ ۽ رولڊ ڪپ بابت ڪرڪيٽ جي مداحن ۾ اگاهي پيدا ڪئي وڃي.

دنيا جي مختلف ملڪن جو دورو ڪرائڻ بعد ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ اندر مڇين جي ديدار لاءِ اندر لاٿو ويو آهي.

آسٽريليا جي شهر نيپٽون ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ٽرافي کي هڪ ٻيڙي ذريعي اونهي سمنڊ ۾ مڇين کي ديدار ڪرائڻ جي لاءِ نيو ويو.

آسٽريلوي ٽيم جي اسٽار فاسٽ بالر شان ٽيٽ ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي ٽرافي ساڻ کڻي هڪ محفوظ جهنگلي ۾ سمنڊ اندر لٿو.

سمنڊ ۾ مختلف قسمن جي مڇين ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي ٽرافي جو چوڌاري چڪر لڳايو.

ان موقعي ته فاسٽ بالر شان ٽيٽ جو چوڻ هو ته سمنڊ اندر ٽرافي کڻي وڃڻ وارو لمحو هو سموري ڄمار نه وساري سگهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*