امريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن پنهنجو ذاتي اي ميل سرور ايف بي آءِ حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي

halri-cantan-usa12-8

امريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ صدارتي اميدوار هليري ڪلنٽن پنهنجو ذاتي اي ميل سرور ايف بي آءِ حوالي ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي.

پرڏيهي وزير طور خدمتون سرانجام ڏيڻ واري دور ۾ ڄاڻايل اي ميل سرور هليري ڪلنٽن جي استعمال هيٺ رهيو هو، اهم وزير هوندي ذاتي اي ميل سرڪاري لکپڙهه لاءِ ذاتي  اي ميل استعمال ڪرڻ سبب مٿس سخت تنقيد ٿيندي رهي آهي.

تنقيدي ڪندڙن جو چوڻ هو ته سندس اي ميل غير محفوظ ۽ حڪومتي اصولن ۽ ضابطن خلاف هو، ايف بي آءِ هليري ڪلنٽن جي اي ميل سرور جي سڪيورٽي جاچ پڙتال ڪري رهي آهي.

ان کان اڳ هليري ڪلنٽن پنهنجي ذاتي اي ميلزز جا هزارين صفحا منظرعام تي آندا هئا پر اي ميل سرور ڪنهن جي به حوالي نه ڪيو هو، پر هاڻي سندس وڪيل اي ميلز تي ٻڌل ڊرائيوز به ايف بي آءِ حوالي ڪندا.

سرڪاري عهدي تي رهندي ذاتي اي ميل استعمال ڪرڻ وارو تڪرار هليري ڪلنٽن جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي حوالي سان به اهم سمجهيو پيو وڃي، سروي موجب ووٽرن پاران ذاتي اي ملي جي استعمال بابت سوالن جي جواب ۾ کيس اعتبار جوڳي نه هجڻ سمجهڻ واري لاڙي ۾ واڌ ٿي آهي.

امريڪا ۾ وفاقي معاملن لاءِ سرڪاري اي ميل اڪائونٽ هجڻ ضروري آهي ۽ وفاقي قانون موجب وفاقي اهلڪارن جي سڄي لکپڙهه کي سرڪاري رڪارڊ جو حصو سمجهيو وڃي ٿو.

ان کان اڳ به ڪيترائي سرڪاري عهديدار ذاتي اي ميلز استعمال ڪندا رهيا آهن پر هليري ڪلنٽن جو معاملو گهڻو ڌيان جو مرڪز ان ڪري بڻجي ويو آهي جو هوءَ ايندڙ چونڊن ۾ صدارتي اميدوار طور سامهون آئي آهي.

هليري ڪلنٽن پاران صدارتي اميدوار طور سامهون اچڻ بعد مٿس الزام لڳايا ويا ته هوءَ پرڏيهي وزير طور پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندي پنهنجي مڙس ۽ اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن جي سماجي ڀلائي واري تنظيم کي فائدو رسايو.

هلندڙ سال مارچ ۾ اي ميل جو تڪرار سامهون اچڻ بعد هليري ڪلنٽن وضاحت ڪئي ته هن ذاتي اي ميل جو استعمال سهولت لاءِ ڪيو هو، جنهن جي کيس پرڏيهي وزارت کان اجازت به هئي، تڪرار وڌڻ بعد مئي مهيني ۾ هليري ڪلنٽن 60 هزار اي ميلز پڌريون ڪيون، جن مان لڳ ڀڳ اڌواڌ سڪاري معاملن بابت هيون، جيڪي هن پرڏيهي وزير طور اماڻيون هيون.

تڪرار سامهون اچڻ کانپوءِ وقفي وقفي سان هليري ڪلنٽن جون اي ميلز پڌريون ڪيون پيون وڃن پر پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڪجهه اي ميلز منظر عام تي نٿيون آڻي سگهجن ڇاڪاڻ ته اهي پيغام “انتهائي اهم رازن” تي ٻڌل آهن.,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*