ترڪي جي وزيراعظم احمد دائود اوگلو چيو آهي ته دولت اسلاميه ۽ شامي فوجين کان بچي ڀڄندڙن شهرين جي تحفظ لاءِ ترڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اتر شام ۾ نو فلاءِ زون قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو

AhmedDawoodOglu12-8

ترڪي جي وزيراعظم احمد دائود اوگلو چيو آهي ته دولت اسلاميه ۽ شامي فوجين کان بچي ڀڄندڙن شهرين جي تحفظ لاءِ ترڪي هڪ ڀيرو ٻيهر اتر شام ۾ نو فلاءِ زون قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو

ان کان اڳ ترڪي جي نائب پرڏيهي وزير فريدم سنرلي اوگلو دعويٰ ڪئي هئي ته ترڪي ۽ امريڪا شام ۾ نو فلاءِ زون قائم ڪرڻ جي شرطن تي اتفاق ڪري ورتو آهي پر امريڪا اهڙي ڪنهن به معاهدي جي ترديد ڪئي هئي.

ترڪي جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو هو ته داعش جي قبضي کان ڇڏايل علائقي جو ڪنٽرول شام جي مخالف ڌر وٽ هوندو ۽ امريڪا ۽ ترڪي پاران کين ضروري هوائي دفاعي مدد فراهم ڪئي ويندي.

امريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان مارڪ ٽونر جو چوڻ هو ته شام ۾ نوفلاءِ زون قائم ڪرڻ بابت ڪوبه معاهدو نه ٿيو آهي پر ان هوندي به هو ترڪي جي پرڏيهي وزارت جو بيان جي ترديد نٿو ڪري ڇاڪاڻ ته هن بيان ڏٺو ئي نه آهي.

مارڪ ٽونر جو چوڻ هو ته هو واضح ڪري ٿو ته ڪوبه نو فلاءِ يا محفوظ هنڌ نه اهي، نه ئي ان بابت ڳالهيون ڪيون پيون وڃن پر داعش کي علائقي مان تڙڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن.

وزيراعظم احمد دائود اوگلو جو چوڻ هو ته ترڪي امريڪا سان گڏجي شام ۾ محفوظ علائقي جي قيام لاءِ ڪم ڪندو، علائقي ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ترڪي فوج اماڻن کان انڪار به نه ڪيو آهي.

هن چيو ته شام ۾ چئن سالن کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ لاءِ عالمي برادري وڌيڪ ڪوششون ڪري، جڏهن ته ترڪ وزيراعظم شام م ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ لاءِ سخت فيصلا نه ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي پنج مستقل ميمبرن تي پڻ سخت تنقيد ڪئي.

هن چيو ته اها گڏيل قومن جي ذمياوري آهي ته شآم ۾ جاري جنگ کي ختم ڪري پناهگيرن جي وڌندڙ انگ تي ضابظو آڻي ۽ جيڪڏهن شام ۾ اعتدال پسند اقتدار ۾ ايندا ته ترڪي سميت ٻين ملڪن کي اتي زميني فوج اماڻن جي ضرورت نه پوندي.

,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*