لبيا جي وزيراعظم عبدالله الثــِني ٽي وي انٽرويو دوران ڪاوڙيل شهرين جي سخت سوالن تي ميزبان سان تڪرار کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان

libya12

لبيا جي وزيراعظم عبدالله الثــِني ٽي وي انٽرويو دوران ڪاوڙيل شهرين جي سخت سوالن تي ميزبان سان تڪرار کانپوءِ استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پر سندس ترجمان واضح ڪيو آهي ته وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو.

وزيراعظم عبدالله الثــِني  ٽي وي انٽرويو دوران شهرين جي ڪاوڙ ڀريل سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته هو هو پنهنجون سموريون ذميواريون قبول ڪندي سڀني کي چوي ٿو ته جيڪڏهن هن کان ڪا غلطي ٿي آهي ته کيس معاف ڪيو وڃي.

هن چيو ته هو سڀني کي اهو به چوي ٿو ته کيس سندس ذميوارين کان آجو ڪيو وڃي ۽ هو آچر تي باضابطه طور پنهنجي استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏيندو.

لبيا بغاوت جي نتيجي ۾ اڳواڻ معمر قذافي جي اقتدار جي خاتمي ۽ سندس قتل کانپوءِ چئن سالن کان گهرو ويڙهه جو شڪار آهي.

2014ع ۾ اقتدار سنڀاليندڙ وزيراعظم عبدالله الثني گادي واري شهر طرابلس تي هٿياربند گروهه جي قبضي کانپوءِ اوڀر لبيا ۾ ترسيل آهي، الثني اپريل 2014ع ۾ به استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو پر بعد ۾ فيصلو تبديل ڪري ڇڏيو.

لبيا جون وزارتون ۽ طرابلس جون سرڪاري عمارتون عبدالله الثني جي مخالفن جي قبضي ۾ آهن، جن پنهنجو ڌار وزيراعظم نامزد ڪيو آهي، پر ان کي عالمي طاقتن تسليم نه ڪيو آهي.

ٽي وي انٽريو دوران ان وقت وزيراعظم الثني سخت ڪاوڙجي پيو، جڏهن پروگرام جي ميزبان عوام جا امن امان، بي گهر ماڻهن ۽ حڪومتي انتظامن بابت پڇيل سوال سندس آڏو رکيا.

پروگرام جي ميزبان جڏهن کانئس پڇيو ته جيڪڏهن عوام احتجاج شروع ڪيو ته هو ڇا ڪندو، جنهن تي الثني چيو ته عوام کي احتجاج ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته هو عهدي تان باضابطه استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي، عوام پنهنجي لاءِ جادوگر وزيراعظم آڻي جيڪو سندن سمورا مسئلا حل ڪري.

الثني جي اهڙي بيان بعد حڪومتي ترجمان حاتم العربي رائٽرز سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم استعيفيٰ نه ڏيندو پر الثني جي چوڻ جو مطلب رڳو اهو ته جيڪڏهن عوام مطالبو ڪيو ته هو عهدو ڇڏي ڏيندو.

ترجمان جو چوڻ هو ته استعيفا لاءِ ضروري آهي ته اها هٿ سان لکيل هجي، جيڪا ايوان نمائندگان ۾ پيش ڪئي ويندي، جيڪو استعيفيٰ منظور يا رد ڪرڻ جو مجاز آهي.

بن غازي جي قانونساز اسميبلي جي ميمبر امل بائيو الثني جي استعيفيٰ تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته سندس حڪومت ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ عبدالله الثني نااهل آهي,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*