ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ اوباش ڇوڪرن پاران لڳاتار هراسان ڪرڻ تي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

india-rap12-8-15

ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ اوباش ڇوڪرن پاران لڳاتار هراسان ڪرڻ تي اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، پوليس ٻنهي جوابدار ڇوڪرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

بريلي شهر ۾ اٺين ڪلاس جي شاگردياڻي کي ٻه اوباش ڇوڪرا اسڪول ويندي توڙي واپس ورندي تنگ ڪندا هئا، جنهن کان بيزار ٿي شاگردياڻي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.

ڊاڪٽرن موجب شاگردياڻي جو 60 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي، سندس علاج ڪيو پيو وڃي.

ڇوڪريءَ بڌايو ته ڄاڻايل جوابدار لڳاتار کيس تنگ ڪندو هو، جنهن جي هن ڪيترائي ڀيرا شڪايت پڻ ڪئي پر هو پنهنجي پيءُ جي چوڻ کانپوءِ به نه مڙيو.

ڇوڪريءَ جو چوڻ هو ته جوابدار نه رڳو کيس پر ٻين ڇوڪرين کي به تنگ ڪندو، جنهنڪري هوءَ اسڪول وڃڻ به نه چاهيندي هئي ۽ تنگ اچي پاڻ کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، عملدارن جو چوڻ آهي ته هر رخ سان معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جوابدارن خلاف سخت قدم کنيا ويندا.

ڀارت ۾ عورتن خلاف ڏوهن جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي اهي، رپورٽ موجب 2013ع ۾ عورتن خلاف ڏوهن ۾ 26 ڏهائي 7 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ 3 لک 9 هزار 546 ڏوهن جا واقعا رپورٽ ٿيا، انهن ڏوهن ۾ جنسي زيادتي، اغوا، جنسي طور هراسان ڪرڻ، اسمگلنگ ۽ گهريلو تشدد جا ڏوهه شامل آهن.,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*