ايم ڪيو ايم سنڌ جي ٻي وڏي، قومي اسيمبلي جي چوٿين ۽ سينيٽ جي ٽئين وڏي پارٽي آهي پر ان باوجود ظلم ڪيو پيو وڃي;ايم ڪيو ايم سنڌ جي ٻي وڏي، قومي اسيمبلي جي چوٿين ۽ سينيٽ جي ٽئين وڏي پارٽي آهي پر ان باوجود ظلم ڪيو پيو وڃي

dr-Farooq-satar

متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار مارجي ويل ڪارڪنن جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي قائم ڪميشن قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾  ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائي تحريڪ انصاف لاءِ رستو صاف ڪيو پيو وڃي.

اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسپيڪر وٽ استعيفيٰ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، هي سندن حتمي فيصلو آهي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ٻي وڏي، قومي اسيمبلي جي چوٿين ۽ سينيٽ جي ٽئين وڏي پارٽي آهي پر ان باوجود ظلم ڪيو پيو وڃي.

هـُن چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ شفافيت جي اميد هئي پر شهر ۾ جيتريون به ڪارروايون ٿيون آهن، سڀ ايم ايم ڪيو ايم خلاف هيون، جنهن تي وزيراعظم، وڏي وزير ۽ وفاقي گهرو وزير کي آگاهه ڪيو پر ڪنهن سندن خدشن کي سنجيدگي سان نه ورتو.

فاروق ستار چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري عدالتن ۾ پيش نٿو ڪيو وڃي، 40 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي عدالتن کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي، سندن مطالبو آهي ته ڪارڪنن جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪيو وڃي.

فاروق ستار الزام هنيو ته ڪراچي ۾ رينجرز جو رويو جانبدار آهي، ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائي تحريڪ انصاف لاءِ رستو کوليو پيو وڃي، عمران خان فيصل واڊا کي چيو هو ته 6 مهينن اندر ڪراچي سندن حوالي ٿي ويندو.

فاروق ستار وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم تي اڻ اعلانيل پابندي لڳي چڪي آهي،جيڪا انساني حقن جي کليل ڀڃڪڙي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*