تار تي هلڻ واري ڪرتب سبب جڳ مشهور ڪرتباز نــڪ والينڊا امريڪا ۾ تار تي پنهنجي زندگي جي سڀ کان ڊگهو سفر ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو

usa12-8

تار تي هلڻ واري ڪرتب سبب جڳ مشهور ڪرتباز نــڪ والينڊا امريڪا ۾ تار تي پنهنجي زندگي جي سڀ کان ڊگهو سفر ڪري  نئون رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.

نڪ والينڊا امريڪي رياست وسڪونسن اسٽيٽ فيرئر جي موقعي تي مــِلواڪي مائل ريس ٽريڪ مٿان ٻڌل تار تي هلي خوب داد حاصل ڪيو.

ميلي جي ميدان کان 10 ماڙ اوچائي تي ٻڌل تار جو 1560 فوٽ مفاصلو نڪ والينڊا 33 منٽن ۾ مڪمل ڪيو ته سندس خوشي جي انتها نه رهي.

والينڊا پاڻ کي ڪنگ آف دي هاءِ وائر سڏائيندو آهي، جنهن گنيز ورلڊ رڪارڊ جا ڪيترائي رڪارڊ پڻ قائم ڪيا آهن، والينڊا دنيا جي سڀ کان وڏي آبشار نياگرا فال، شڪاگو جي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ٻن عمارتن جي وچ ۾ ٻڌل تار تي اکين تي پٽيون ٻڌي هلي چڪو آهي.

نڪ ويلينڊا مشهور مداري فلائنگ ويلينڊا ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو، هي خاندان ستين پيڙهين کان ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ مشهور آهي، سندس ڏاڏو ڪارل ويلينڊا 1978ع ۾ پورٽو ريڪو هاءِ وائر تي هلندي ڪرڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*