مشهور ڀارتي فيشن ڊزائنر ســُنيت ورما جي “ڪائوچر – اي لو اسٽوري” ڪليڪشن جي نماءُ سان نئين دهلي برائڊل فيشن ويڪ 2015 جو رنگ برنگي ميلو پڄاڻي تي پهتو

fashan-show12-8

مشهور ڀارتي فيشن ڊزائنر ســُنيت ورما جي “ڪائوچر – اي لو اسٽوري” ڪليڪشن جي نماءُ سان نئين دهلي برائڊل فيشن ويڪ 2015 جو رنگ برنگي ميلو پڄاڻي تي پهتو….

مختلف ماڊلز سنيت ورما جي فارسي آرٽ ۽ ادب توڙي عظيم شاعر عمر خيام جي شاعري کان متاثر ٿي تيار ڪيل وڳن جو نماءُ ڪيو.

عمر خيام جي شاعري کان متاثر ٿي تيار ڪيل ڪليڪشن جي نماءُ لاءِ وري ترڪي جي مشهور ٽاپ ڪپي محل جو نقل تيار ڪيو ويو هو، هي محل خلافت عثمانيه جي سلطانن جي رهائشگاهه رهيو آهي.

فيشن ڊزائن مان اداڪاره بڻجندڙ پرنيا قريشي آخري ڪيٽ واڪ ڪري سڀني ڏسندڙن کي موهي وڌو.

سنيت ورما جو چوڻ هو ته ڪليڪشن جي تياري ۾ کيس 6 مهينا لڳي ويا، جنهن بعد هو فيشن ويڪ جو آخري ڊزائنر بڻيو آهي.

هن چيو ته سندس ڪليڪشن عمر خيام جي رباعين، خلافت عثمانيه ۽ ٽاپڪپي محل کان متاثر آهي.

,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*