بالي ووڊ اسٽار شاهد ڪپور ۽ عاليه ڀٽ جي نئين رومانٽڪ ڪاميڊي فلم “شاندار ” جو ٽريلر جاري

shandaar12-8

بالي ووڊ اسٽار شاهد ڪپور ۽ عاليه ڀٽ جي نئين رومانٽڪ ڪاميڊي فلم “شاندار ” جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

ممبئي ۾ هڪ تقريب دوران عاليه ڀٽ ۽ شاهد ڪپور “شاندار” جي نئين ٽريلر جي ڊي وي ڊي جو مهورت ڪيو.

فلم ۾ عاليه ڀٽ بهادر ڇوڪريءَ جو ڪردار نڀايو آهي، سندس چوڻ هو ته شوٽنگ دوران هن ڪردار جي هر گهڙي مان ڀرپور لطف ماڻيو.

شاندار جو ڊائريڪٽر وڪاس بهل آهي، جڏهن ته فلم جا پروڊيوسر ڪرن جوهر، انوراگ ڪشپ ۽ وڪرم اديتيا موٽواڻي آهن.

وڪاس بهل اميد ڏيکاري آهي ته ڏسندڙن کي فلم جي ڪهاڻي، موسيقي توڙي رقص ۽ ڪاميڊي پسند ايندي ۽ سندن پيسا وصول ٿي ويندا.

اداڪار شاهد ڪپور جي پيءُ پنڪچ ڪپور پڻ فلم ۾ اداڪار طور نظر ايندو، شاندار 22 آڪٽوبر تي نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*