ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ ٻين مهاڀاري ويڙهه جي خاتمي ۽ ڪوريا تان جاپاني قبضي جي خاتمي کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي هزارين ماڻهن ريلي

south-korea12-8-15

ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول ۾ ٻين مهاڀاري ويڙهه جي خاتمي ۽ ڪوريا تان جاپاني قبضي جي خاتمي کي 70 سال مڪمل ٿيڻ تي هزارين ماڻهن ريلي ڪڍي، احتجاج ڪندڙ هڪ پيرسن جاپاني سفارتخاني آڏو پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.

جاپاني فوج پاران جنگ دوران ڏکڻ ڪوريائي عورتن کي جنسي غلام بڻائڻ خلاف سيئول ۾ جاپاني سفارتخاني آڏو احتجاجي ريلي ڪڍي، احتجاج ڪندڙن جو مطالبو هو ته جاپان ڪوريائي عورتن سان ناروا سلوڪ تي معافي گهري.

جاپاني سفارتخاني آڏو عورتن جو احتجاج جاري هو ته 70 سالن جي هڪ پيرسن جاپان خلاف احتجاج طور پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي.

پيرسن جي جسم تي باهه جا شعلا ڀڙڪڻ لڳا ته ريلي ۾ موجود عورتن توڙي مردن پاڻي ۽ بينرن سان باهه وسائي ورتي، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

فائر فائٽرز موجب پيرسن شخص جاپاني حڪومت خلاف احتجاج ڪندي پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني، هي واقعو ڏکڻ ڪوريا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون واقعو آهي.

اربع تي به ٻن هزارن کان وڌيڪ ماڻهن جاپاني سفارتخاني آڏو احتجاج ڪيو، جاپان پاران جنسي غلام بڻايل عورتن مان 47 عورتون بچي نڪتيون هيون، جن مان ٽي عورتون اربع واري ريلي ۾ به شريڪ ٿيون، انهن عورتن کي ڪمفرٽ وومين به سڏيو وڃي ٿو.

ڏکڻ ڪوريا ۾ اٽڪل هر اربع تي جاپاني سفارتخاني ٻاهران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا آهن، جن جو مقصد ٻين مهاڀاري لڙائي دوران جاپاني فوج پاران ڏاڍ جي زور تي ڪوريائي عورتن کي جنسي غلام بڻائڻ خلاف احتجاج ڪرڻ آهي. ,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,,

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*