آمريڪي رياست اوهائيو ۾ راند جي ميدان ۾ نقلي بندوق کڻي ايندڙ 12 سالن جي نينگر کي پوليس قتل ڪري ڇڏيو

امريڪي رياست اوهائيو ۾ راند جي ميدان ۾ نقلي بندوق کڻي ايندڙ 12 سالن جي نينگر کي پوليس گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

رياست اوهائيو جي هڪ راند جي ميدان مان هڪ شخص پوليس کي فون ڪري اطلاع ڏنو ته هڪ نينگر هٿ ۾ بندوق کڻي ماڻهن کي حراسان ڪري رهيو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته فون ڪندڙ شخص اهو نه ٻڌايو ته نينگر جي هٿ ۾ بندوق اصلي آهي يا نقلي..پر جيڪا بندوق نينگر جي هٿ ۾ هئي اها بلڪل اصلي نظر اچي رهي هئي.

پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته جڏهن نينگر هٿ مٿي ڪرڻ وارو حڪم نه مڃيو ته اهلڪارن گوليون هلايون جنهن ۾ نينگر مارجي ويو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*