لاهور جي جناح اسپتال جي نرسن جو ڊاڪٽرن جي روين خلاف اڄ ڇهين ڏينهن به احتجاج جاري رهيو

 لاهور جي جناح اسپتال جي نرسن جو ڊاڪٽرن جي روين خلاف اڄ ڇهين ڏينهن به احتجاج جاري آهي، ڊي جي هيلٿ پاران معاملي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪميٽي جوڙڻ واري آڇ رد ڪندي نرسن واضح ڪيو آهي ته بدتميزي ڪندڙ ڊاڪٽرن جي استعفيٰ تائين سندن احتجاج جاري رهندو.

جناح اسپتال لاهور جي ايڊمن وارڊ ۾ احتجاج تي ويٺل نرسن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن جا رويا نا مناسب آهن، جنهن ڪري سندن تحريڪ هلي رهي آهي، جيڪا ڊاڪٽرن جي استعفيٰ يا سندن روين ۾ تبديلي جي لکت ۾ خاطري واري جواب تائين جاري رهندي.

ينگ نرسز ايسوسيئشن جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن نرسن سان بدتميزي ڪن ٿا ۽ کين جائز مقام نه پيو ڏنو وڃي.

ينگ نرسز ايسوسيئشن موجب جيستائين سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو.

نرسز جي احتجاج ڪري جناح اسپتال لاهور جو ڪارو وهنوار گهڻي حد تائين مفلوج ٿي ويو آهي، جڏهن ته نرسون رڳو ايمرجنسي ۽ آءِ سي يو جي ڊيوٽي ڪري رهيون آهن.

ڊي جي هيلٿ نرسن وٽ وڃي ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ کين خاطري ڪرائي ته سندن شڪايتن جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو، هُن ان موقعي تي معاملي جي جاچ لاءِ اڻ ڌري ٽه رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو به اعلان ڪيو، جنهن کي نرسن رد ڪري ڇڏيو.

نرسن جو مطالبو آهي ته جيستائين ساڻن بدتميزي ڪندڙ ڊاڪٽرن کي ڪڍيو نه ويندو تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو.

ان موقعي تي مشتعل نرسن ڊي جي هيلٿ خلاف نعريبازي به ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*