ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ رڪيوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي آهي خواجه اظهار الحسن

ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ رڪيوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي آهي،خواجه اظهار چيو آهي ته حڪومت ڪراچي ۾ دهشتگردن کي روڪڻ ۾ ناڪام ثابت آهي.

ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار ۽ سيد سردار احمد سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ لاءِ  اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ رڪيوزيشن جمع ڪرائي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه اظهار چيو ته ڪراچي سميت سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ۽ حڪومت بيان بازي بدران ايوان ۾ جواب ڏي.

هن چيو ته ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل ۽ موبائل فون ڦر جا واقعا روز جو معمول آهن پر حڪومت ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.

خواجه اظهار چيو ته ٿر ۾ ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جي ذميوار به سنڌ حڪومت آهي.

ايم ڪيو ايم جي سيد سردار احمد چيو ته اورنگي ٽائون ۾ دهشتگرد سرگرم آهن،سندن آفيس تي حملو ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ايم پي اي به زخمي ٿي پيا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*