لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جو جلسو روڪرائڻ واري درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ٻيهر ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

 لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جو ٽيهه نومبر وارو جلسو روڪرائڻ لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بينچ شهري ايم مجاهد جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن جي پيروي لاءِ اي ڪي ڊوگر عدالت آڏو پيش ٿيو.

اي ڪي ڊوگر جو موقف هو ته پي ٽي آءِ جي اسلام آباد ۾ اعلانيل 30 نومبر واري جلسي سان نيون خرابيون پيدا ٿيون ۽ ماڻهن لاءِ مسئلا وڌندا تنهنڪري عمران خان کي جلسي کان روڪيو وڃي.

عدالت ان موقعي تي اي ڪي ڊوگر کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت کي ان جلسي تي اعتراض نه آهي ته اوهان کي ڇو اعتراض آهي.

عدالت بعد ۾ درخواست تي ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڌرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*