ڪراچي ٽريفڪ پوليس گاڏين مٿان مسافرن کي ويهاريندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري 6 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس گاڏين مٿان مسافرن کي ويهاريندڙ گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪارروائي دوران 6 ڊرائيورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڊي آءِ جي ٽريفڪ امير شيخ جي هدايتن تي ٽريفڪ پوليس ڪورنگي روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروائي ڪري گاڏين مٿان مسافرن کي ويهارڻ تي 6 ڊرائيورن کي گرفتار ڪري ورتو.

ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽر لاڳيتو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن ان ڪري سندن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*