پرويز رشيد جي الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي جهانگير ترين

 پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته ڌرڻن قوم کي جاڳائي ڇڏيو آهي، پرويز رشيد جي الزامن ۾ ڪا به صداقت نه آهي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جهانگير ترين چيو ته پي ٽي آءِ جون ٽيهه نومبر واري جلسي کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششون جاري آهن.

هن چيو ته ڌرڻن قوم کي جاڳائي ڇڏيو آهي ۽ اهو ڪريڊٽ پي ٽي آءِ کي وڃي ٿو.

جهانگير ترين وڌيڪ چيو ته عمران خان وقت بچائڻ لاءِ جهاز استعمال ڪري ٿو، جنهن لاءِ سرڪاري وسيلا ڪتب نه ٿا اچن ۽ ان سلسلي ۾ پرويز رشيد جا الزام بي بنياد ۽ غلط آهن.

هن چيو ته سندس ڪمپني تي ماڻهو وڌيڪ اعتماد ڪن ٿا ۽ اُن لاءِ هن جيڪي قرض کنيا هئا، اهي وقت کان اڳ واپس ڪري چُڪو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*