وزيراعظم نواز شريف قوم کي اڄ اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ خطاب ڪندو

 وزير اعظم ميان نواز شريف قوم کي اڄ اهم نوعيت جو خطاب ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺندو، نواز شريف چيو آهي ته ايندڙ مهيني تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻي عوام کي سُک پهچائبو.

وزير اعظم ميان نواز شريف اڄ قوم کي پنهنجي تاريخي خطاب ۾ ڌرڻن سبب ملڪ ۾ پيدا ٿيل صورتحال تي کُلي ڳالهائيندو، ان کانسواءِ وزير اعظم ملڪ ۾ جاري ترقياتي منصوبن سميت ٻين اهم نوعيت جي معاملن تي قوم کي بريفنگ ڏيندو ۽ اهم قسم جا اعلانات به ڪندو.

وزير اعظم ميان نواز شريف چين سان ٿيل ٺاهن ۽ ٻين تجارتي معاهدن بابت به قوم کي آگاهي ڏيندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزير اعظم جي خطاب جو اهم نقطو ملڪ جي سياسي صورتحال خاص ڪري ڌرڻن سبب پيدا ٿيل صورتحال بابت قوم کي آگاهي ڏئي اعتماد ۾ وٺندو.

وزير اعظم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ مهيني تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي آندي ويندي، جنهن سان عوام کي سڌو فائدو پهچندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*