سنڌ حڪومت ٿر معاملي تي هلندڙ ڪيس بابت سپريم ڪورٽ کي مداخلت جي اپيل ڪري ڇڏي

 سنڌ حڪومت ٿر معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس بابت سپريم ڪورٽ کي مداخلت جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ٿر ڏڪار بابت ميڊيا رپورٽس بي بنياد ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ کي هدايت ڪئي وڃي ته پهرين اها درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو ڪري.

سنڌ سرڪار سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته اها مداخلت ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان جوڙيل ڪميشن کي ڪالعدم قرار ڏئي.

درخواست ۾ سنڌ حڪومت موقف اختيار ڪيو آهي ته مخصوص مقصد رکندڙ ماڻهن ٿر صورتحال کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪي ميڊيا رپورٽس آهن، اهي بي بنياد ۽ زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن.

درخواست ۾ سنڌ حڪومت اهو به موقف اختيار ڪيو آهي ته ٿر ڏڪار بابت حڪومتي ڪوششون پهرين ڏينهن کان جاري آهن ۽ سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڪميشن به جوڙي جنهن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ رد ڪري عدالتي ڪميشن جوڙڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کي اعليٰ عدليه ڪالعدم قرار ڏئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*