روڊن جي حالت خراب آهي جنهن سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ڪمشنر سکر عباس بلوچ

ڪمشنر سکر عباس بلوچ چوڻ آهي ته روڊن جي خراب حالت آهي، جنهن سبب روڊ حادثا روز جو معمول بڻيل آهن، ڪافي حادثا انڊس هاءِ وي تي پيش اچن ٿا،جيڪي رپورٽ نه ٿيا ٿين.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڪمشنر سکر چيو ته روڊن جي صورتحال بابت نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو جي ايم ٻن ڏينهن ۾ بريفنگ ڏيندو.

هن چيو ته روڊن جي مرمت دوران ڪوتاهيون ٿيون ته ذميوران خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

ايس ايس پي موٽرويز فيصل چاچڙ جو چوڻ هو ته موٽر ي وي تي حادثا اڪثري تيز رفتاري ۽ اونداهي سبب پيش اچن ٿا.

ايم اين  اي نواب وساڻ جو چوڻ هو ته موٽروي تي حادثن جي ذميوار موٽر وي پوليس اآهي، جيڪا اورلوڊ گاڏين کي نٿي روڪي ۽ڊرائيورز خلاف ڪاروائي نٿي ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*