ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم تيارين ۾ مصروف

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٽين ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر شارجه ۾ سڀاڻي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٽين ٽيسٽ ميچ کيڏي ويندي.

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ۾ قومي ٽيم ڪيوي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 248 رنز تان شڪست ڏئي ڪاميابي پنهنجي نالي ڪئي ، جڏهن ته ٻين ٽيسٽ ميچ   بغير فيصلي جي ختم ٿي وئي.

ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم شارجه ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀرپور تيارين ۾ رڌل آهي.

تيارين واري سلسلي ۾ سمورا رانديگر فٽنس ۽ فيلڊنگ سان گڏ نيٽ ۾ بيٽنگ ۽ بالنگ جي پريڪٽس تي گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهن.

ٽن ٽيسٽ ميچز تي ٻڌل سيريز ۾ قومي ٽيم کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ جي برتري حاصل ڪئي.

آخري ٽيسٽ ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته فتح حاصل ڪن جيئن سيريز هڪ-هڪ ميچز سان برابر ٿي سگهي، قومي ٽيم جي ڪوشش هوندي ته ٽيم فتح حاصل ڪري يا ميچ کي ڊرا ڪري ٻنهي صورتن ۾ ٽيم سيريز ۾ڪاميابي حاصل ڪندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*