آمريڪي رياست مسوري ۾ ڪاري نسل جي نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ پوليس آفيسر کي شاهديون نه ملڻ تي بي ڏوهي قرار ڏنو ويو

امريڪي رياست مِسوري ۾ ڪاري نسل جي نوجوان تي فائرنگ ڪندڙ پوليس آفيسر کي گرانڊ جيوري شاهديون نه ملڻ تي بي ڏوهي قرار ڏئي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ مسوري ۾ هنگاما شروع ٿي ويا آهن ۽ مڇريل ماڻهن هڪ گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي.

آگسٽ واري مهيني ۾ اڇي رنگ جي پوليس آفيسر ڊيرن وِلسن جي فائرنگ ۾ 18 ورهين جو مائيڪل برائون مارجي ويو، جيڪو ڪاري نسل سان واسطو رکندڙ هو.

گرانڊ جيوري پوليس آفيسر ڊيرن ولسن خلاف شاهديون گهٽ هئڻ ڪري کيس بري ڪري ڇڏيو.

18 ورهين جو مائيڪل برائون 9 آگسٽ تي مبينه طور پوليس آفيسر جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، جنهن کانپوءِ لڳاتار ڪاري نسل جا ماڻهو انهي قتل خلاف احتجاج ڪندا رهيا.

اڄ ميسوري جي عدالت فيصلو ٻڌائيندي الزام هيٺ آيل پوليس آفيسر کي بري ڪري ڇڏيو، گرانڊ جيوري جو چوڻ هو ته پوليس آفيسر ڊيرن ولسن خلاف شاهديون اڻپوريون هجڻ سبب کيس سزا نه ٿي ڏئي سگهجي.

جيوري جي فتويٰ پڌري ٿيڻ کانپوءِ مسوري ۾ باهه لڳي وئي آهي ۽ ماڻهن احتجاج ڪندي هڪ گاڏي کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته پوليس سان چڪرين جو سلسلو به جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*