شڪارپور جي عدالت خانپور مان 8 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل 3 عورتن سميت 5 ڄڻن جو ڊي ايس پي خانپور ۽ ٻين اهلڪارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

شڪارپور جي عدالت خانپور مان 8 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل 3 عورتن سميت 5 ڄڻن جو ڊي ايس پي خانپور ۽ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سيشن جج جي عدالت خانپور مان گم ڪيل 3 عورتن سميت 4 ڄڻن جي اغوا بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت ٽن عورتن ۽ هڪ مرد کي کنڀي گم ڪرڻ جي الزام هيٺ ڊي ايس پي خانپور ۽ ايس ايڇ او سميت 7 اهلڪارن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

واضح رهي ته پوليس خانپور جي آرائين محلي ۾ 8 ڏينهن اڳ  پوليس مسمات جميلا، شڪيلا، ناهيده ۽ شوڪت آرائين کي کنڀي گم ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*