وزيراعظم نواز شريف سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نيپال روانو ٿي ويو

وزيراعظم ميان نواز شريف نيپال ۾ رٿيل سارڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيپال جي گادي واري شهر کٽمنڊو روانو ٿي  ويو آهي، وزيراعظم چيو آهي ته سارڪ کي يورپي يونين جهڙو مضبوط واپاري بلاڪ بڻائڻ چاهيون ٿا، بهتر سڪيورٽي ۽ معاشي سهڪار سان خطي کي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو.

نيپال جي راڄڌاني کٽمنڊو ۾ ارڙهين سالياني ڪانفرنس سڀاڻي کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ وزيراعظم نواز شريف کٽمنڊو روانو ٿي ويو آهي.

سارڪ ڪانفرنس ۾ پاڪستان، ڀارت، افغانستان، نيپال، ڀوٽان، مالديپ، بنگلاديش ۽ سريلنڪا جا سربراهه شرڪت ڪندا، جڏهن ته ڪانفرنس جي ميزباني نيپال جو  وزيراعظم سُشِل ڪوئرالا ڪندو.

نيپال 12 سالن کانپوءِ ٻيهر سارڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، ان کان اڳ 2002ع ۾ کٽمنڊو ۾ ٿيل سارڪ ڪانفرنس ۾ تڏهوڪَي پاڪستاني صدر پرويز مشرف ۽ ڀارتي وزيراعظم اٽل بهارِي واجپائي وچ ۾ ملاقات ٿي هئي.

هاڻوڪي ڪانفرنس دوران امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس ڀارتي هم منصب نريندر مودي ۾ ملاقات جو امڪان آهي پر ان حوالي سان سرڪاري سطح تي ڪا به تصديق ناهي ڪئي وئي.

نيپال روانگي کان اڳ هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو، سندس خواهش آهي ته سارڪ کي يورپي يونين جهڙو مضبوط بلاڪ بڻايو وڃي.

وزيراعظم چيو ته بهتر سڪيورٽي ۽ معاشي سهڪار سان خطي کي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*