صحت واري وزارت فيصل آباد ۾ ايبولا وائرس سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ واري خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

صحت واري وزارت، فيصل آباد ۾ ايبولا وائرس سبب نوجوان جي فوت ٿيڻ واري خبرن جي تريد ڪندي چيو آهي ته نوجوان کي ڊينگي ۽ هيپاٽائيٽس  سبب اسپتال داخل ڪيو ويو هو، جتي هـُو فوت ٿي ويو آهي.

پنجاب جي شهر چنيوٽ جو رهواسي ذوالفقار فيصل آباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو،  فوتي کي 16 نومبر تي ڏکڻ آفريقا کان ڏيهه آندو ويو هو.

چنيوٽ جي رهواسي ذوالفقار کي 2 ڏينهن اڳ فيصل آباد جي الائيڊ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي گذريل ڏينهن هو فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن کي شڪ هو ته فوتي شخص کي ايبولا وائرس ٿي سگهيو پئي، جنهن جي رت جا جزا پڻ چڪاس لاءِ اين ايڇ آءِ اسلام آباد اماڻيا ويا.

رت جي جزن جي چڪاس بابت ڄاڻ ملي آهي ته نوجوان جو موت ايبولا وائرس سبب نه پر ڊينگي بخار ۽ هيپاٽائيٽس سبب ٿيو آهي، جنهن جي صحت واري وزارت پڻ تصديق ڪئي آهي.

وارثن موجب فوت ٿي ويل شخص ڏکڻ آفريقا ۾ رهندو هو، جنهن کي 16 نومبر تي ڏيهه آندو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*