رينجرز ڪراچي جي سعدي ٽائون ويجهو هڪ مغوي کي بازياب ڪرائي 3 ڌاڙيلن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو

رينجرز ڪراچي جي سعدي ٽائون ويجهو  هڪ مغوي کي بازياب ڪرائي 3 ڌاڙيلن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڀٽائي رينجرز جي سيڪٽر ڪمانڊر خالد محمود گورايا  ڪراچي ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌاڙيلن شهري شهزاد ميمڻ کي 19 نومبر تي ايم اي جناح روڊ تان اغوا ڪري سندس بازيابي لاءِ 50 لک رپين جو ڀنگ طلب ڪيو هو.

رينجرز عملدار ٻڌايو ته گرفتار ڌاڙيلن وٽان ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا هٿيار هٿ آهن .

خالد محمود گورايا جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلرز ۽ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري آهي، جنهن جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*