سکر ويجهو دادو ڪئنال مان انڌي ٻلهڻ ڄار ۾ ڦاسي مري وئي

سکر ويجهو دادو ڪئنال مان انڌي ٻلهڻ مڇي جي ڄار ۾ ڦاسي مري وئي، جنهن کي وائلڊ لائف سينٽر منتقل ڪيو ويو.

دادو ڪئنال ۾ مڇي جي شڪار لاءِ وڇايل ڄار ۾ انڌي ٻلهڻ ڦاسڻ کانپوءِ مري وئي، جنهن کي مهاڻن  ڄار مان ڪڍي ورتو.

اطلاع بعد جهنگلي جيوت کاتي پهچي مئل انڌي ٻلهڻ کي تحويل ۾ وٺڻ بعد سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو.

جهنگلي جيوت کاتي جو چوڻ آهي ته انڌي ٻهلڻ ڄار ۾ ڦاسي مئي آهي، جنهن کي تجزئي لاءِ سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*